راجا پرويز اشرف

راجا پرويز اشرف

راجا پرويز اشرف

راجا پرويز اشرف: پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف پاڪستان جو چونڊيل سترهون وزيراعظم آهي (جڏهن ته 6 نگران وزيراعظمن سميت سندس نمبر ٽيويهون ٿئي ٿو). پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف 26 ڊسمبر 1950ع تي سانگهڙ، سنڌ ۾ ڄائو. سندس تعلق هڪ وچولي طبقي جي خاندان سان آهي. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم سانگهڙ ۾ حاصل ڪئي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪيائين. سياست ۾ اچڻ کان اڳ زمينداريءَ سان لاڳاپيل هو. سندس وڏا پوٺوهار جي علائقي گجر خان جا رهاڪو آهن. کيس ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي. پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف هڪ وقت پنجابي، پوٺوهاري، سرائيڪي، سنڌي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻي ٿو. سنڌ مان تعليم وٺڻ کانپوءِ اباڻي علائقي گجر خان ۾ وڃي رهيو، جتي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي بوٽن جي فيڪٽري قائم ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو جائداد جي خريد و فروخت جو ڪاروبار پڻ ڪيائين. 1994ع کان 1996ع تائين سوشل ايڪشن فورم جو چيئرمئن رهيو. هن ڪيترن ئي ملڪن: سعودي عرب، فرانس، جرمني، هالينڊ، آئرلينڊ، عرب عمارات، چين، بئلجيم ۽ نارٿ ڪوريا جا سفر ڪيا آهن. راجا پرويز اشرف پنهنجي سياسي ڪيريئر جي ابتدا 1988ع کان ڪئي. هن 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع وارين چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم تان چونڊ وڙهي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. 2002ع ۽ 2008ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور ڪاميابي ماڻيائين. پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي وفاقي ڪابينا ۾ مارچ 2008ع کان فيبروري 2011ع تائين هن وٽ پاڻي ۽ بجليءَ واري وزارت جو قلمدان هو. ان وزارت دوران سندس ڪن پاليسين، توانائيءَ جي بحران ۽ لوڊشيڊنگ سبب ميڊيا ۾ سندس خلاف گهڻو پرچار ٿيو. پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف ان عرصي دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل به ٿي رهيو. تنهن کانسواءِ قومي اسيمبليءَ جي مختلف اسٽئنڊنگ ڪميٽين جو ميمبر به رهي چڪو آهي. هن کي قانونسازي، پرڏيهي معاملن، تعليم، ناڻي، صحت ۽ مواصلات سان دلچسپي رهي آهي. جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ اين. آر. او ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ملڪ جي صدر جي خلاف ڪيسن جي سلسلي ۾ سوئس اختيارين کي خط نه لکڻ واري معاملي سبب contempt of court جي ڪري اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ کي استعيفا ڏيڻي پئي، ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ صدر آصف علي زرداريءَ، پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف کي وزيراعظم نامزد ڪيو. قومي اسيمبليءَ ۾ 211 ووٽ سندس حق ۾ ۽ 89 ووٽ مخالفت ۾ پيا، اهڙيءَ ريت چونڊجي، 22 جون 2012ع تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيائين. پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف وزارت عظميٰ دوران اتحادي سياسي پارٽين سان مفاهمت ۽ پرڏيهي پاليسي توڙي ملڪي معاملن جي حل لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.


لفظ راجا پرويز اشرفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.26  عيسوي

راجا پرويز اشرف 26 ڊسمبر 1950ع تي سانگهڙ، سنڌ ۾ ڄائو.


2012.06.22  عيسوي

پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ صدر آصف علي زرداريءَ، پيپلز پارٽيءَ جي هڪ پراڻي ڪارڪن ۽ ڏکين حالتن ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿيءَ هئڻ سبب راجا پرويز اشرف کي وزيراعظم نامزد ڪيو. قومي اسيمبليءَ ۾ 211 ووٽ سندس حق ۾ ۽ 89 ووٽ مخالفت ۾ پيا، اهڙيءَ ريت چونڊجي، 22 جون 2012ع تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امان الله وسطڙوشهيد
رئيس امروهوي
شاهه عبداللطيف صوفي ٺٽوي
سڪندر بلوچ
سرتاج لڪياري
روچلداس ڊاڪٽر
آنند هندوجا
عشرت رحماني
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
ڄام علي شير سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون